سعودي عرب اسان جو سچو دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آهي: صدر ممنون حسين

سعودي عرب اسان جو سچو دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ17جنوری2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته سعودي عرب اسان جو سچو دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آهي ۽ هر پاڪستاني سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان ديني، ثقافتي ۽ اقتصادي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جنهن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين سگهه ملي ٿي. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ سعودي عرب جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري وزارت جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه اربع ڏينهن واپار ۽ سيڙپڪاري واري وزير ڊاڪٽر ماجد الڪسابي جي سربراهي ۾ صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي واپار وارو وفاقي وزير پرويز ملڪ، دفاع وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو مملڪتي وزير رانا محمد افضل خان، سعودي سفير ڪموڊور نواف سعيد احمد المالڪي، وفد جا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. اهو اعليٰ سطحي وفد پاڪ سعودي گڏيل وزارتي ڪميشن جي 11 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا خصوصي اهميت وارا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد ۽ محبت جو شاندار رشتو قائم آهي جيڪو ٻي دنيا جي لاءِ مثال جي حيثيت رکي ٿو. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ تعاون جاري آهي جنهن ۾ اضافي جي لاءِ مسلسل ڪم جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو گهٽ آهي جنهن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن جي وچ ۾ ملاقاتن جو سلسلو باقاعدگي سان جاري رهڻ گهرجي. ان سان سيڙپڪاري جون نيون راهون کلنديون ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ حڪومتي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ملندو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي ويزن 2030ع جي پاليسي وڏي اهميت واري آهي ۽ اها سعودي عرب جي معيشت کي مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪندي. صدر چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لحاظ کان بهترين ملڪ آهي. سعودي سيڙپڪار توانائي، اڏاوتن ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر پنهنجي گذريل سعودي عرب جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته دوري ۾ سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جيڪا تمام گهڻي فائديمند رهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ هن وقت اتڪل 26 لک پاڪستاني رهائش پذير آهن ۽ اهي سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. هن چيو ته اهي پاڪستاني سعودي عرب جي معاشي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن خادم الحرمين الشريفين سلمان بن عبدالعزيز السعود جا پاڪستاني برادري جو خيال رکڻ تي ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي واپار ۽ سيڙپڪاري وزير ڊاڪٽر ماجد الڪسابي ٻڌايو ته ڪائونسل جي اجلاس ۾ تمام اهم فيصلا ٿيا آهن جيڪي ڏورس اثر رکندڙ هوندا.