مستقبل نوجوانن جو آهي ۽ هو ملڪ جي واڳ سنڀالڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن: صدر ممنون حسين

مستقبل نوجوانن جو آهي ۽ هو ملڪ جي واڳ سنڀالڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ17جنوری2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته مستقبل نوجوانن جو آهي ۽ هو ملڪ جي واڳ سنڀالڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن، پاڪستان جو مستقبل جمهوريت سان لاڳاپيل آهي ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي معاشري ۾ جمهوري روين کي فروغ ڏيون. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي علمي درسگاهه سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي شاگردن سان ڳالهائيندي چئي جنهن اربع ڏينهن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته قومي ترقي حاصل ڪرڻ صرف انهي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن اسان اخلاص سان هر وقت علم ۽ تحقيق جي جستجو ۾ رهون، هن چيو ته جديد دنيا ۽ نئين سماجي، سياسي ۽ معاشي رجحانن کي سمجهڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ مطالعو ڪريون ۽ اهڙي طرح جي سرگرمين سان جيڪو علم به توهان حاصل ڪريو ان کي پنهنجي عملي زندگي جو حصو بڻايو، صدر شاگردن کي چيو ته تعليم سان گڏوگڏ ڪردارسازي تي به ڀرپور ڌيان ڏيو ته جيئن معاشري ۾ اخلاص جو عنصر وڌي ويجهي سگهي، هن ڇوڪرين تي زور ڏنو ته پنهنجو پاڻ کي علم جي زيور سان ضرور آراسته ڪريو ۽ ان سلسلي ۾ جيڪو شعبو به اختيار ڪرڻ چاهيو ڪريو پر پنهنجي قدرن ۽ روايتن کي سدائين مٿانهون رکو، صدر خوشي جو اظهار ڪيو ته سنڌ مدرسته الاسلام هڪ يونيورسٽي جي حيثيت سان علمي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي صورت ۾ نوان امڪان جنم وٺي رهيا آهن، انهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ شاگرد پنهنجو پاڻ کي تيار ڪن، هن چيو ته سي پيڪ تحت ڪيترائي توانائي جا منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ باقي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، صدر چيو ته سي پيڪ جي روٽ جي حوالي سان ڪجهه ماڻهو افواهه پکيڙي رهيا آهن جيڪي سراسر غلط آهن، سي پيڪ جي روٽ ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته ان منصوبي جي اهميت کي سمجهندي ڪيترن ئي ملڪن ان سان ڳنڍجڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آئنده ان سان پاڪستان کي ڪيترو فائدو ٿي سگهي ٿو، صدر چيو ته پاڪستان جو مستقبل جمهوريت سان لاڳاپيل آهي ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي معاشري ۾ جمهوري روين کي فروغ ڏيون، صدر شاگردن جي صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي نيشنل ليڊرشپ پروگرام جي واکاڻ ڪئي ۽ ان کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان پروگرام تحت شاگردن کي ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ٻين تعليمي ۽ سرڪاري ادارن جو دورو ڪرڻ جو موقعو ملندو جنهن سان هو گهڻو ڪجهه سکي سگهندا، صدر اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي حيثيت سان پنهنجي معيار ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي ته جيئن شاگردن کي موجوده دور جي دنيا ۽ علمي زندگي جي گهرجن کي بهتر طور تي سمجهڻ جو موقعو ملي سگهي، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ صدر کي پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪيو.