ماضي ۾ هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندڙ هڪ اسٽيج تي گڏ ٿي مسلم ليگ (ن) کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن: محسن شاهنواز رانجها

ماضي ۾ هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندڙ هڪ اسٽيج تي گڏ ٿي مسلم ليگ (ن) کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن: محسن شاهنواز رانجها

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ17جنوری2018ء) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير محسن شاهنواز رانجها چيو آهي ته ماضي ۾ هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندڙ هڪ اسٽيج تي گڏ ٿي مسلم ليگ (ن) کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ ڌرڻن سبب سيڙپڪاري متاثر ٿي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڌرڻن ۽ احتجاج سان سيڙپڪاري رڪجي وئي، ماضي ۾ به ڌرڻن سبب سيڙپڪاري متاثر ٿي، قادري کي احتجاج بدران عدالت وڃڻ گهرجي، مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ هڪٻئي تي الزام لڳائيندڙ هاڻي هڪ اسٽيج تي گڏ ٿي ويا آهن، انهن جي ڪوشش اها ئي آهي ته مسلم ليگ (ن) کي ڪمزور ڪيو وڃي پر انهن جي سازش ڪامياب نه ٿيندي.