قصور جهڙن واقعن تي سياست ۽ صوبائيت کان مٿانهون ٿي ڪري هڪجهڙو لائحه عمل ۽ متفقه قانونسازي جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ زينب سان پيش آيل واقعو ٻيهر نه ورجائي سگهجي: قومي اسيمبلي ميمبر

قصور جهڙن واقعن تي سياست ۽ صوبائيت کان مٿانهون ٿي ڪري هڪجهڙو لائحه عمل ۽ متفقه قانونسازي جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ زينب سان پيش آيل واقعو ٻيهر نه ورجائي سگهجي: قومي اسيمبلي ميمبر

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ17جنوری2018ء) قومي اسيمبلي ۾ قصور ۾ ستن سالن جي ٻارڙي سان پيش آيل واقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي ميمبرن چيو آهي ته اهڙن واقعن تي سياست ۽ صوبائيت کان مٿانهون ٿي ڪري هڪ جهڙو لائحه عمل ۽ متفقه قانونسازي جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ زينب سان پيش آيل واقعو ٻيهر نه ورجائي سگهجي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ قصور ۾ ستن سالن جي ٻارڙي زينب سان ٿيندڙ زيادتي تي بحث جو آغاز ڪندي جماعت اسلامي جي ميمبرن صاحبزاده محمد يعقوب چيو ته ٻارڙي سان زيادتي کانپوءِ هر طرف مايوسي ۽ عدم تحفظ جي صورتحال آهي، هن مطالبو ڪيو ته ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ واقعي جو به سخت نوٽيس ورتو وڃي، اعجاز جکراڻي چيو ته 8 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو، پنجاب پوليس جون وڏيون وڏيون دعوائون جيئن جو تيئن رهجي ويون، ڪي پي ڪي ۾ به ٻارڙي سان زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو، عالمي سطح تي اسان بدنام ٿي رهيا آهن، ان حوالي سان قانونسازي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، لالچند چيو ته پورو ملڪ زينب جي بي رحماڻي قتل تي ڏکويل آهي، ٿرپارڪر ضلعي جي شهر مٺي ۾ ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪيو ويو هي ضلعو پرامن ضلعو هو، جيڪڏهن ٿر جي ماڻهن کي سي پيڪ ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جو فائدو نه ٿيندو ته هي ماڻهو ڪيڏانهن ويندا، ٻئي قتل گهري سازش لڳن ٿا ۽ ان جو مقصد اتي جي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ آهي، حڪومت ٺوس قدم کڻي ماڻهن ۾ عدم تحفظ کي ختم ڪري، شاهده اختر علي چيو ته زينب جهڙا واقعا جنهن صوبي ۾ به ٿين اهي افسوسناڪ واقعا آهن، اهڙن واقعن تي اسان جي ذميداري آهي ته جماعتي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري متفقه قانون جوڙيون، اسان سڀني کي يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، تيزي سان انصاف هر هڪ جي اجتماعي ذميداري آهي، معاشري جو ڪو به ماڻهو ان کان آجو نه آهي، ڊاڪٽر فوزيه حميد چيو ته اسان کي سياست ۽ صوبائيت کان مٿانهون ٿي ڪري ڳالهه ڪرڻي پوندي، اسان کي هتي قانونسازي ڪرڻي پوندي هڪٻئي تي گند اڇلائڻ درست نه آهي، اسان کي پنهنجي نصاب کي ڏسڻو پوندو، مناسب قانونسازي جي ضرورت آهي، اهڙن ڪيسن کي ڏسڻ جي لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، زيادتي ڪيسز خصوصي عدالتن ۾ هلايا وڃن ته جيئن متاثرين کي جلد کان جلد انصاف ملي سگهي.