قصور ۾ پيش آيل واقعو ظالماڻو ۽ افسوسناڪ آهي: خورشيد احمد شاهه

قصور ۾ پيش آيل واقعو ظالماڻو ۽ افسوسناڪ آهي: خورشيد احمد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ12جنوری2018ء) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته قصور ۾ پيش آيل واقعو ظالماڻو ۽ افسوسناڪ آهي، ان سان ملڪ جو هر ماڻهو، ادارو متاثر ۽ پريشان ٿيو آهي، اسان کي پنهنجي قوم کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، اهڙا واقعا ترقي يافته ملڪن ۾ به ٿيندا آهن تنهن هوندي به هو ان کانپوءِ ڪارروائي ڪندا آهن. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قصور واقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هي 20 ڪروڙ عوام جي پارليامينٽ آهي، ان معاملي کي هتي بحث هيـٺ آڻڻ اهم قدم آهي، هن چيو ته قصور جو واقعو افسوسناڪ آهي ان سان ملڪ جو هر ماڻهو، ادارو متاثر ۽ پريشان ٿيو آهي، ان ظالماڻي واقعي تي هر ڪوئي پريشان آهي، جيڪڏهن پهرين واقعي تي ئي ڪارروائي ٿئي ها ۽ جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ها ته هي واقعو نه ٿئي ها. اهڙي قسم جي واقعن تي ايوان ۾ ڪا به رپورٽ پيش نه ٿي سگهي. جيڪڏهن رياست انصاف نه ڏيندي ته ماڻهو پاڻ فيصلا ڪندا ۽ ان قدم سان رياست ڪمزور ٿيندي، اسان کي پنهنجي قومي کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، اهڙا واقعا آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ ٿيندا آهن، هر ملڪ ۾ ٿيندا آهن پر انهن واقعن کانپوءِ ان تي ڪارروائي ٿيندي آهي۔