دنيا جي تيزي سان بدلجندڙ حالتن، اندروني ۽ باهرئين سازشن ۽ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جهڙا چئلينجز قوم کان پنهنجي صفن ۾ اتحاد کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي جي گهرج ڪري ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

دنيا جي تيزي سان بدلجندڙ حالتن، اندروني ۽ باهرئين سازشن ۽ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جهڙا چئلينجز قوم کان پنهنجي صفن ۾ اتحاد کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي جي گهرج ڪري ٿو: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دنيا جي تيزي سان بدلجندڙ حالتن، اندروني ۽ باهرئين سازشن ۽ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جهڙا چئلينجز قوم کان پنهنجي صفن ۾ اتحاد کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي جي گهرج ڪري ٿو جڏهن ته اقتصادي ترقي پڻ ملڪي دفاع ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي، وڏن وڏن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان معاشي استحڪام ملندو جنهن سان پاڪستان جو دفاع مضبوط ٿيندو، وچ ايشيائي رياستن ۽ وچ اوڀر جي ملڪن سان واپاري رابطن ۾ اضافي جي قدمن سان پاڪستان خطي ۾ اقتصادي قوت جي طور تي اڀرندو. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ اڱاري ڏينهن 6 سيپٽمبر تي ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هن ڏينهن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ روشن ۽ ولولي انگيز طور تي سدائين ياد رکيو ويندو، هن ڏينهن اسان جي بهادر هٿياربند فوج قوم سان گڏجي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي اهو پيغام ڏنو هو ته هو پنهنجي آزادي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي، يقينن اسان جي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين اسان جي آزادي کي جلا بخشي آهي جنهن تي پوري قوم کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن، جرئت ۽ بهادري ۽ جدت جي سفر تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا جي تيزي سان بدلجندڙ حالتن، اندروني ۽ ٻاهرئين سازشن ۽ سڀ کان وڌيڪ دهستگردي، اهڙا چئلينجز اسان کان پنهنجي صفن ۾ اتحاد، ايمان ۽ يقين کي قائم رکڻ سان گڏوگڏ دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي جي گهرج ڪن ٿا. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان ان ڏس ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي جو مظاهرو نه ڪيون، اسان جو دفاع ۽ هٿياربند فوج مستقبل جي جديد گهرجن سان هم آهنگ آهي، جديد جنگي هٿيارن ۾ اسان پاڻڀرائپ جي منزل پڻ حاصل ڪري چڪا آهيون. حتف ميزائل سيريز، الخالد ۽ الضرار ٽينڪ، جي ايف 17 ٿنڊر جهاز، آگسٽا آبدوزون ۽ سڀ کان وڌيڪ اسان جي ائٽمي صلاحيت اسان جي مضبوط دفاع جون نه وسارڻ جوڳيون علامتون آهن، اهڙي طرح مضبوط دفاع جي ذريعي اسان ڏکڻ ايشيا ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکي اصل ۾ خطي جي امن کي جلا بخشي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿا ٿيڻ چاهيون تنهن هوندي به ان توازن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين. هن چيو ته اسان جي دفاعي صلاحيت اصل ۾ قوم جي جرئت، سگهه ۽ عزم جو اظهار پڻ ڪري ٿي ته هو مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته آپريشن ضرب عضب پڻ اصل ۾ ان ئي عزم جو تسلسل آهي جنهن ۾ سياسي قيادت جي هڪ جهڙائي، عوام جي عزم، پاڪستان جي فوج ۽ سيڪيورٽي جي ٻين ادارن جي بي مثال قربانين ۽ پيشيواراڻي صلاهيتن جي ڪري دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي. الحمدالله، اڄ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال حوصلي جوڳي آهي جنهن کي برقرار رکڻ جي لاءِ اسان کي سياسي ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون سوچ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اقتصادي ترقي پڻ ملڪي دفاع ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي حيثيت رکي ٿي، تنهن ڪري اسان جو ڌيان ان طرف پڻ آهي، ان سلسلي ۾ سي پيڪ تحت مختلف ميگا پراجيڪٽس، انهن کانسواءِ توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ ترقي جا ٻيا منصوبا انتهائي اهميت وارا آهن، انهن جي مڪمل ٿيڻ سان معاشي استحڪام ملندو جنهن سان پاڪستان جو دفاع مضبوط ٿيندو، وچ ايشيائي رياستن ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان واپاري رابطن ۾ اضافو اهڙا قدم آهن جن سان پاڪستان خطي ۾ اقتصادي قوت ٿي اڀرندو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي تاريخي موقعي تي آئون والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلم جي پڻ مذمت ڪريان ٿو. هن چٽن لفظن ۾ چيو ته ڪشمير جي حوالي سان اسان جو موقف واضح آهي، ان مسئلي جو حل صرف ۽ صرف گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ٿيندو، جبر ۽ ڏاڍ سان ڪشميري عوام جي آواز کي نه ته دٻائي سگهجي ٿو ۽ نه ئي انهن کي خودمختياري جي حق کان محروم ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن ملڪ جي شهيدن ۽ غازين کي سندن لازوال قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان جي سلامتي، وقار ۽ بقاءَ خاطر ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو.