پراڻي گئس پائيپ لائينن ۽ گئس جي طلب وڌڻ سان مسئلا پيد ٿيا آهن: شيخ آفتاب احمد

پراڻي گئس پائيپ لائينن ۽ گئس جي طلب وڌڻ سان مسئلا پيد ٿيا آهن: شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19دسمبر2017ء) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته پراڻي گئس پائيپ لائينن ۽ گئس جي طلب وڌڻ سان مسئلا پيد ٿيا آهن، جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گئس ڪمپنيون ڀرپور ڪوششون ڪري رهيون آهن. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران گئس جي پريشر بابت خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي وزارتي ردعمل تي شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته ڪوئيٽا مستونگ سپلاءِ لائين کي 8 انچ مان 16 انچ ڪيو ويو آهي ان تي وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي. هن چيو ته انهن علائقن ۾ گئس جون ضرورتون به وڌي رهيون آهن، گئس ڪمپنيون پريشر وڌائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ٻين مسئلن سان گڏوگڏ غيرقانوني ڪنيڪشنن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. راولپنڊي اسلام آباد ۾ گئس لائينز پراڻيون ۽ زمين اندر هجڻ سبب گئس جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتون درپيش آهن.