سينيٽ ۾ مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش

سينيٽ ۾ مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15دسمبر2017ء) سينيٽ ۾ مختلف اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون ويون. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران قانون، انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر جاويد عباسي آئين جي آرٽيڪل 95 الف کي آئين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سينيٽر محسن لغاري طرفان پيش ڪيل آئيني (ترميمي) بل 2017ع تي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي، هن آئين جي آرٽيڪل 136 الف شامل ڪرڻ لاءِ محسن لغاري طرفان پيش ڪيل آئيني (ترميمي) بل 2017ع تي ڪميٽي جي رپورٽ به ايوان ۾ پيش ڪئي، انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان سينيٽر شبلي فراز ٽيليفون انڊسٽريز آف پاڪستان هري پور جي پينشنرز بابت ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان سينيٽر محسن لغاري بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڀاڻ جي فراهمي بابت ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي.