سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 14دسمبر2017ء) سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي بنا ڪنهن حڪمت عملي جي پي آءِ اي جي پريميئم سروس جاري ڪرڻ سان مجموعي خساري ۾ 2.88 بلين روپيا اضافي تي سروس شروع ڪرڻ جي منظوري ڏيندڙ بورڊ کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي، ڪميٽي سفارش ڪئي ته پي آءِ اي جي جهاز مان هيروئن برآمد ٿيڻ تي پي آءِ اي، اي اين ايف، ڪسٽم ۽ اي ايس ايف جي لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. ڪميٽي ٻن پائليٽس طرفان عدالت مان حاصل ڪيل منع نامو 7 مهينن ۾ به ختم نه ڪرائڻ تي پي آءِ اي ليگل ٽيم جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن سينيٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سيد مظفر شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، وزيراعظم جي هوابازي وارو صلاحڪار سردار مهتاب احمد خان، ايوي ايشن جو سيڪريٽري عرفان الاهي، ايم ڊي پي آءِ اي، اي اين ايف، اي ايس ايف، ڪسٽم جا عملدار ۽ ڪميٽي جا ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم جي صلاحڪار سردار مهتاب احمد پي آءِ اي جي جهاز مان هيروئن هٿ اچڻ جي معاملي تي ڪميٽي جي ميمبرن جي مختلف سوالن تي ٻڌايو ته اسمگلنگ جي واقعي جي فورن پوءِ انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو هو، پي آءِ اي جي ذريعي هيرون اسمگلنگ ۾ ملوث گروهه بين الاقوامي سطح جو آهي، پي آءِ اي ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏسي رهي آهي، ڪسٽم، اي اين ايف ۽ اي ايس ايف جي عملدارن جي خلاف 6 مهينن کانپوءِ به ڪارروائي نه ڪرڻ جي حوالي سان سوال تي سردار مهتاب چيو ته جيڪڏهن فوري طور تي لاڳاپيل عملدارن کي هٽايو وڃي ها ته انڪوائري ۾ مشڪلاتون پيش اچن ها، وزيراعظم جي صلاحڪار ٻڌايو ته اسان ذميداري ڪنهن اداري تي نٿا وجهڻ چاهيون، گڏجي معاملا هلائڻ چاهيون ٿا، اي اين ايف ۽ ڪسٽم منهنجي ماتحت ناهن، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته جيڪي سينئر آفيسر ان وقت ڊيوٽي تي هئا، پي آءِ اي انتظاميه ان معاملي تي ڪارروائي يقيني بڻائي، ڪميٽي پرڏيهي ملڪ مان ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام ۾ لينڊنگ دوران چائنيز ڇوڪري کي ڪاڪ پٽ ۾ گهرائڻ جي حوالي سان سامهون ايندڙ وڊيو فوٽيج جي معاملي تي غور ڪيو، ايم ڊي پي آءِ اي ڪميٽي کي ٻڌايو ته ان معاملي جي باقاعده جاچ ڪئي وئي ۽ هن وقت حتمي فيصلي جي ويجهو آهيون پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منع نامي سبب فيصلو جاري نه ڪري سگهياسين، ڪميٽي جي چيئرمين ايم ڊي پي آءِ اي کان پڇيو ته 7 مهينن جي دوران پي آءِ اي منع نامو ختم ڪرائڻ جي لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪميٽي پي آءِ اي جي ليگل ٽيم جي ڪارڪردگي کي غير تسلي بخش قرار ڏنو، ڪميٽي جي ميمبر مشاهد الله خان چيو ته جيڪڏهن ڪاڪ پٽ ۾ وڃڻ جي اجازت به هجي ته ان کي ختم ڪرڻ گهرجي، ان معاملي ۾ جيڪو به ذميدار هجي ان جي خلاف رولز موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪميٽي جي چيئرمين پنهنجي سربراهي ۾ ٽي رڪني سب ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن جا ميمبر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم، فرحت الله بابر هوندا جيڪا ٻن مهينن ۾ پي آءِ اي جي انهن معاملن جو جائزو وٺي رپورٽ خصوصي ڪميٽي کي پيش ڪندي.