سينيٽ پاران ڊونلڊ ٽرمپ پاران والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ جي فيصلي خلاف مذمتي قرارداد منظور

سينيٽ پاران ڊونلڊ ٽرمپ پاران والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ جي فيصلي خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 11دسمبر2017ء) سينيٽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ جي فيصلي جي مذمت ڪندي هڪ قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي جنهن ۾ حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو ان سلسلي ۾ حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ قائد ايوان سينيٽر راجا ظفرالحق پاران ان معاملي تي 5 ڪلاڪن جي بحث کانپوءِ قرارداد پيش ڪندي چيو ته سينيٽ آف پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ ۽ پنهنجو سفارتخانو اتي منتقل ڪرڻ جي اعلان جي سخت مذمت ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر جو اهو فيصلو گڏيل قومن جي قراردادن خاص طور تي 1980ع جي قرارداد نمبر 478 سميت سمورن عالمي قانونن جي خلاف آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان ان فيصلي تي پنهنجي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو.قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائي جيڪي هن ماضي ۾ منظور ڪيون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر جي اعلان آمريڪا پاران امن جي ڪوششن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته والاريل بيت المقدس مسلمانن ۽ عيسائين جي لاءِ به مقدس جاءِ جو درجو رکي ٿو. آمريڪي صدر جي اعلان سان امن عمل کي سبوتاز ڪرڻ جو اونداهو باب شروع ٿيندو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري پڻ آمريڪا جي ان فيصلي کي رد ڪيو آهي جنهن جي آجيان ڪريون ٿا. قرارداد ۾ معصوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. قرارداد ۾ حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي ته جيئن ان صورتحال ۾ حڪمت عملي جوڙي سگهجي. سينيٽ قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.