پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني اهلڪارن جي سيڪيورٽي لاءِ 21 ارب 57 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 9 مجموعي انفرنٽري بٽالين ۽ 86 اي ايف ونگس تي ٻڌل خصوصي سيڪيورٽي ڊويزن جوڙي وئي

پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني اهلڪارن جي سيڪيورٽي لاءِ 21 ارب 57 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 9 مجموعي انفرنٽري بٽالين ۽ 86 اي ايف ونگس تي ٻڌل خصوصي سيڪيورٽي ڊويزن جوڙي وئي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني اهلڪارن جي سيڪيورٽي لاءِ 21 ارب 57 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 9 مجموعي انفرنٽري بٽالين ۽ 86 اي ايف ونگس تي ٻڌل خصوصي سيڪيورٽي ڊويزن جوڙي وئي آهي، گهرو وزارت پاران ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته ان سيڪيورٽي ڊويزن جي لاءِ سيڪيورٽي اوزارن جي خريداري لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ هڪ ارب 30 ڪروڙ رپيا جدا رکيا ويا آهن، اسپيشل سيڪيورٽي ڊويزن ۾ سول آرمڊ فورسز جي لاءِ 5 ارب 57 ڪروڙ رپيا جڏهن ته آرمڊ فورسز جي لاءِ 15 ارب 80 ڪروڙ رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. هن وقت پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چينين جو ڪل انگ 8819 آهي جڏهن ته 330 منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي.