وزيراعظم پاران پشاور ۾ دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي ساراهه

وزيراعظم پاران پشاور ۾ دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي ساراهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف پشاور ۾ دهشتگردن جي حملي کي ڪنهن جاني ۽ مالي نقصان کانسواءِ ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملن کي موثر ۽ وقت سر ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ پوليس سميت سڀني سيڪيورٽي ادارن جي ڀرپور صلاحيت ۽ سگهه ساراهه جوڳي آهي.