پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 06دسمبر2017ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، ڪميٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه اجلاس جي صدارت ڪندو. اربع ڏينهن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ميمبرن جي اجلاس ۾ غير حاضري سبب ملتوي ڪيو ويو، اڄوڪي اجلاس ۾ پاڻي واري وزارت جو سيڪريٽري ملڪ ۾ پاڻي جي دستيابي جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندو.