وزيراعظم سان سيفران واري مملڪتي وزير غالب خان ۽ حاجي شاهه جي گل آفريدي جي ملاقات

وزيراعظم سان سيفران واري مملڪتي وزير غالب خان ۽ حاجي شاهه جي گل آفريدي جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23نومبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان رياستن ۽ سرحدي معاملن (سيفران) واري مملڪتي وزير غالب خان ۽ فاٽا مان قومي اسيمبلي ميمبر حاجي شاهه جي گل آفريدي ڪالهه خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات ۾ فاٽا ۽ قبائلي علائقن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. سيفران واري مملڪتي وزير غالب خان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر حاجي شاهه جي گل آفريدي وزيراعظم کي فاٽا جي دوري جي دعوت ڏني.