ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکي ويندي: صدر ممنون حسين

ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکي ويندي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 30اگست 2016ء) صدر ممنون حسين ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين طرف دنيا جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ موثر سفارتڪاري جي ضرورت آهي، ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ امن ڪڏهن به حقيقت نه ٿو بڻجي سگهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري خصوصي مددگار طارق فاطمي ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم محمد فاروق حيدر خان سان ڳالهائيندي چئي جن ڪالهه اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر راجا محمد فاروق حيدر خان کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ عوامي نمائندا ماڻهن جي خدمت ڪندا. صدر آزاد ڪشمير ۾ ڪامياب چونڊون منعقد ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ نئين حڪومت جي ترجيح ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي هجڻ گهرجي ته جيئن عوام جي زندگي جو معيار بهتر ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ سمورن عوامي منصوبن ۾ شفافيت جو معيار بهتر ڪرڻ ضروري آهي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم صدر کي عوام جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو. صدر چيو ته هر عالمي فورم تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جو پاڪستان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ اسان ڀارت جي وحشياڻين ڪاررواين جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف دنيا جو ڌيان ڇڪرائيندو رهندو. صدر چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ امن ڪڏهن حقيقت نه ٿو بڻجي سگهي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته ويجهڙ ۾ پارليامينٽ جا جيڪي ميمبر ڪشمير مسئلي کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نامزد ٿيا آهن اهي پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪندا ۽ دنيا کي ٻڌائيندا ته ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب هجڻ گهرجي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري خصوصي مددگار عالمي حالتن ۽ خطي جي صورتحال تي صدر کي بريفنگ ڏني.