سيد خورشيد شاهه پاران سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جي سربراهن کي ذميواريون سنڀالڻ تي مباڪون

سيد خورشيد شاهه پاران سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جي سربراهن کي ذميواريون سنڀالڻ تي مباڪون

اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جي سربراهن کي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي مباڪباد ڏني آهي. هن چونڊيل چيئرمين، نائب چيئرمين، ميئرز ۽ ڊپٽي ميئرز جي نالي پنهنجي خط ۾ اميد جو اظهار ڪيو آهي ته مڪاني ادارن جا چونڊيل سربراهه ۽ نمائندا مقامي سطح تي عوام جا مسئلا حل ڪري جمهوريت تي عوام جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. هن چيو ته بلدياتي ادارا جمهوريت جو اهم جز آهن ۽ مون کي پوري اميد آهي ته بلدياتي ادارن جا نمائندا ۽ سربراهه مقامي سطح تي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا.