قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته اي او بي آءِ چار لک ماڻهن ۾ 22 ارب رپيا پينشن جي مد ۾ ورهايا آهن، اداري جي اوڳاڙي 5 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته اثاثا 3 ارب ماليت جا آهن. ڪالهه اڱاري ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين سيد خورشيد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي او بي آءِ جي عملدارن پي اي سي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اي او بي آءِ 4 لک ماڻهن ۾ 22 ارب رپين جي پينشن ورهائي آهي، اداري جي اوڳاڙي 15 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي ۽ اسان جا اثاثا 300 ارب رپين جا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اداري جا وسيلا 2027ع ۾ ختم ٿي ويندا، حڪومت پاران اداري کي ساليانو هڪ لک رپين جا فنڊ ملن ٿا، اي او بي آءِ جي اوڳاڙي گهٽ آهي جڏهن ته پينشن وٺندڙن جو انگ وڌيڪ آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ ان انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پي اي سي چيو ته جيڪڏهن اي او بي آءِ جي رقم صحيح طور تي خرچ ڪئي وڃي ها ته اداري جي وسيلن ۾ گهٽتائي نه اچي ها. اي او بي آءِ جي عملدارن ان جي جواب ۾ چيو ته اداري جي وسيلن جي غلط استعمال جي حوالي سان معاملا سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، مجموعي طور تي غلط طريقي سان ڪيل خرچ ڪيل رقم 34 ارب رپيا آهي، جنهن سان اسان جي وسيلن ۾ گهٽتائي آئي آهي، سنڌ اسيمبلي اي او بي آءِ جي حوالي سان گذريل سال قانون منظور ڪيو آهي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين ان اداري کي مرڪز وٽ رکڻ جي سفارش ڪئي آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪرپشن جي الزامن تي ٻه ڊائريڪٽر جنرل ۽ ٻه ڊائريڪٽر فنانس معطل آهن. هن اداري جي منظور ٿيل ملازمن جو انگ 1800 آهي جڏهن ته رڳو 900 ڪم ڪري رهيا آهن، ان سان اداري جي ڪارڪردگي غيرموثر ٿي وئي آهي.