پاڪستان ۽ يورپي يونين واپاري حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي حل ڪيو وڃي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان ۽ يورپي يونين واپاري حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي حل ڪيو وڃي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ17اکتوبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي واپار واري وزارت، پرڏيهي وزارت سميت لاڳاپيل ڌرين کي پاڪستان ۽ يورپي يونين واپاري حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي راهه ۾ ايندڙ مسئلن جي حل ۽ بين الاقوامي منڊين ۾ پاڪستاني مصنوعات لاءِ وسيع تر رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن جي ايس پي پلس نظام جي پاڪستان جي واپار تي اثرن جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس ۾ پاڪ – يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ استحڪام ۽ پاڪستاني مصنوعات لاءِ وسيع تر مارڪيٽ رسائي حاصل ڪرڻ بابت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو، اجلاس جي ايس پي پلس نظام جي مجموعي اثرن جو جائزو وٺندي واپاري ماپي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 2013ع کان 38.55 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جي ايس پي پلس سهولت سان اضافي 66 سيڪڙو يورپي يونين ٽيرف لائنز تي پاڪستاني مصنوعات لاءِ ڊيوٽي فري رسائي لاءِ اهليت وڌي آهي ۽ اسان جي مصنوعات کي اهڙي چٽاڀيٽي جي ان قسم جي مصنوعات جي حوالي سان هڪجهڙا موقعا حاصل ٿيا جيڪي يورپي يونين سان گهڻا آزاداڻا انتظام رکندڙ آهن، هي به ٻڌايو ويو ته معاهدي تي عملدرآمدي سيل جي قيام، خودمختياري، انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي قيام، عورتن ۽ ٻارن جي حقن بابت ڪميشنز جي فعاليت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي منظور ڪيل ڪيترن ئي قانونن سميت حڪومت طرفان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ جي بين الاقوامي تشخص ۾ نمايان بهتري آئي آهي، اجلاس جي دوران ان سهولت جي ٻي 2 سالا جائزي جي تيارين تي به غور ڪيو ويو جيڪو جنوري 2018ع ۾ ٿيندو، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، وزيراعظم جي اقتصادي معاملن واري خصوصي صلاحڪار مفتاح اسماعيل ۽ ٻين سينئر عملدارن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.