قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته صحافين جي تحفظ ۽ ڀلائي بابت بل کي 15 آڪٽوبر تائين حتمي شڪل ڏني وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن هتي پير اسلم بودلا جي صدارت ۾ ٿيو. ڪميٽي کي ميڊيا ڪارڪنن جي تحفظ ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزارت جي انٽرنل پبلسٽي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل ناصر جمال ٻڌايو ته وزارت ترجيحي بنيادن تي بل کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير پرويز رشيد سمورن وڏن وزير کي خط لکندي چيو آهي ته ميڊيا هائوسز جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ميڊيا بابت 67 قانون آهن جن مان 17 آپريشنل لاز آهن. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته وزارت ميڊيا ڪارڪنن جي لاءِ قائم انڊونمينٽ فنڊ جي لاءِ سي پي اين اي کي 5 ڪروڙ رپيا ڏنا آهن جڏهن ته انڊونمينٽ جي لاءِ وڌيڪ 22.4 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي لاءِ سمري پڻ موڪلي وئي آهي. ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڪوئيٽا سانحي جي شهيد ميڊيا ورڪرز جي وارثن جي لاءِ 25 لک رپين جو معاوضو ڏنو ويندو جڏهن ته زخمين جي علاج لاءِ 5 لک رپيا ڏنا ويندا. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين جي تحفظ بابت بل جي منظوري ۽ عملدرآمد جي لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي. قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو ته پاڪستان کي گذريل ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي جي لعنت درپيش آهي ۽ اهڙي طرح جي واقعن جي رپورٽنگ ڪندڙن کي خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميره مين دهشتگردي جي واقعن جي ڪوريج دوران شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضروري آهي ته ميديا ڪارڪنن کي تربيت ڏني وڃي جيڪا جنگ جي ڪوريج ڪندڙ صحافين وانگر هجي ته جيئن هو پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪري سگهن. هن چيو ته اهڙن واقعن جي ڪوريج دوران تجويز ڪيل طريقيڪار اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ ضروري آهي ته ميڊيا هائوسز دهشتگردي جي واقعن جي ڪوريج لاءِ عملي کي ضروري تربيت ۽ تحفظ جا اوزار فراهم ڪن. هن چيو ته آر آءِ يو جي ڪجهه عالمي تنظيمن سان رابطو ڪيو جن خطرناڪ علائقن ۾ ڪندڙ صحافين، ميڊيا ڪارڪنن کي تربيت فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ڪميٽي اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي بابت ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران صحافين جي داخلا تي پابندي جو نوٽيس ورتو ۽ وزارت کي چيو ته ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکيو وڃي. ايم اين اي عامر ڊوگر چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي. ڪميٽي ڪوئيٽا سانحي جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيدن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ڪميٽي ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ ميڊيا هائوسز جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اطلاع تائين پهچ جي بل بابت سفارشون مڪمل ٿي ويون آهن. اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن عامر ڊوگر، مراد سعيد، طلال چوڌري، مريم اورنگزيب، پروين مسعود ڀٽي ۽ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.