وزيراعظم سان سيدنا عالي قدر مفضل سيف الدين جي ملاقات

وزيراعظم سان سيدنا عالي قدر مفضل سيف الدين جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ09اکتوبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان دائودي بوهري برادري جي داعي المطلق سيدنا عالي قدر مفضل سيف الدين سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم سماجي ڀلائي ۽ اقتصادي شعبن ۾ بوهري برادري جي خدمتن کي ساراهيندي وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت بوهري برادري کي ان جي انساني همدردي ۽ سماجي خدمتن جي شعبي ۾ هر ممڪن مدد ڪندي رهندي. ملاقات ۾ سيدنا عالي قدر مفضل سيف الدين هلندڙ سال محرم جي دوران بوهري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومتي انتظامن جي واکاڻ ڪئي. صاحبزاده ادريس بدر الدين، شهزاده جعفر الصادق عمادالدين، شهزاده طه نجم الدين، شهزاده حسين برهان الدين، شيخ ڪوميل يونس ڀائي، حسين شيخ ڪوميل ڀائي، شيخ سيف الدين زوم ڪوالا، شيخ ذوالفقار آدم، شيخ محمد حسين پونا والا ۽ شيخ مستنصر پوناوالا به ملاقات ۾ موجود هئا. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف به ان موقعي تي موجود هو۔