بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ مواصلات جي اهم منصوبن تي ٻڌل پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان کي علائقائي مينوفيڪچرنگ محور بڻائيندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ مواصلات جي اهم منصوبن تي ٻڌل پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان کي علائقائي مينوفيڪچرنگ محور بڻائيندي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ مواصلات جي اهم منصوبن تي ٻڌل پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان کي علائقائي مينوفيڪچرنگ محور بڻائيندي ۽ اها سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ تمام پرڪشش مارڪيٽ هوندي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي ڪي او سي گورپ جي صدر فتح ڪمال ابيلي اولو سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي وفد سان گڏ ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي صورتحال لاڳيتو بهتر ٿي رهي آهي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري سان گذريل ٽن سالن ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پرڪشش هنڌ طور پاڪستان جي پوزيشن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ترڪيءَ سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي، ٻئي ملڪ سمورن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙي سوچ رکن ٿا. وزيراعظم ڪي او سي گروپ پاران پاڪستان جي پريميم هوم اپلائنس ڪمپني ڊائولينس حاصل ڪري پاڪستان مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي قدم کي ساراهيو. ترڪيءَ سان توانائي، بنيادي ڍانچي، تعميرات ۽ خدمتن جي شعبي ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيراعظم مستقبل ۾ ترڪ ڪمپنين سان سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافي جي اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جي پاليسي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٺوس ڍانچو رکندڙ آهي، پاڪستان جي پاليسي رجحان آزاداڻي معيشت ۽ نجڪاري سان هم آهنگ ۽ سهولتن جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏي ٿي. هن چيو ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته ناليواريون ترڪ ڪمپنيون پاڪستان جي توانائي، انفراسٽرڪچر، تعميرات ۽ خدمتن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. فتح ڪمال چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي مقام جي حيثيت رکي ٿو ۽ سندس ڪمپني پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي لاءِ پرعزم آهي. عالمي مالياتي ادارن پاران پاڪستان جي بهتر اقتصادي صورتحال جو اعتراف تحسين جوڳي ڳالهه آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن ۾ موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي اقتصادي ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري ويجهي مستقبل ۾ نمايان اضافي جو امڪان آهي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ وينٿ ڪاڪير رگيو، حقان حمدي بلگرلو ۽ صالح ارسلان تاس شامل هئا. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين مفتاح اسماعيل ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.