وزيراعظم سان پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچرنگ ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

وزيراعظم سان پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچرنگ ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ11ستمبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچرنگ ايسوسيئيشن (پي پي ايم اي) جي وفد چيئرمين ڊاڪٽر شيخ قيصر وحيد جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ ۽ پي پي ايم اي جا عهديدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وفد وزيراعظم کي فارماسيوٽيڪل جي شعبي جي ڪارڪردگي ۽ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم دوائن جي قيمتن بابت پاليسي تي ڳالهائيندي زور ڏنو ته ان حوالي سان هڪ اهڙي مڪينزم جي ضرورت آهي جنهن سان دوائون غريب ماڻهن جي قوت خريد ۾ اچي سگهن ۽ اهو فارماسيوٽيڪل جي شعبي جي لاءِ پڻ واپاري لحاظ کان عمل جوڳو هجي. وزيراعظم فارماسيوٽيڪل جي شعبي جي فروغ ۾ معيار، پيداواريت جي اهميت کي اجاگر ڪندي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان موثر پاليسيون جوڙيون وڃن. وزيراعظم نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت کي هدايت ڪئي ته روانگي واپار ڪندڙن جي سهولت ۽ پاڪستان فارماسيوٽيڪل مصنوعات کي عالمي سطح تي قابل قبول بڻائڻ جي سلسلي ۾ فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچرز پاران فارماسيوٽيڪل ايڪسپورٽ پروموشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم کي خاطري ڪرائي وئي ته دوائن جي قيمتن جي حوالي سان عوامي مفاد جو تحفظ يقيني بڻائيندي پاڪستاني روانگي واپار جي فروغ ۾ فارماسيوٽيڪل جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪندو.