قومي اسيمبلي جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو 41 هون اجلاس سومر تي ٿيندو

قومي اسيمبلي جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو 41 هون اجلاس سومر تي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو 41 هون اجلاس سومر ڏينهن ٻنپهرن جو 2 وڳي چترال ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين صفيان يوسف ڪندو. اجلاس ۾ مواصلات واري وزارت جي چترال ۾ جاري منصوبن، چترال شندور روڊ، چڪدره کان چترال روڊ، لنواري ٽنل سميت مختلف منصوبن تي جاري ڪم جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته وزارت جي ٻين معاملن تي پڻ غور ڪيو ويندو.