سياسي قيادت ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ سچي دل سان پرعزم آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

سياسي قيادت ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ سچي دل سان پرعزم آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ15 اگست 2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جو اجلاس فوري طور تي گهرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ اعليٰ سطح اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته سياسي قيادت ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ سچي دل سان پرعزم آهي. اهو اسان جي ايندڙ نسلن جي بقاءُ جو معاملو آهي تنهن ڪري اسان ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي ڀرپور ذميواري کڻون ٿا. وزيراعظم چيو ته هو ان معاملي جي ذاتي طور تي نگراني ڪندو. پوليو جو خاتمو صوبائي حڪومتن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ضلعي انتظاميا، سول سوسائٽي ۽ بين الاقوامي ڊونرز پاران ٺوس ڪوششن جو گهرجائو آهي. هن پوليو جي وائرس کي نمايان طور تي روڪڻ جي لاءِ صحت جي قومي وزارت ۽ پوليو جي خاتمي جي قومي پروگرام طرفان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ قومي صحت واري وزير سائره افضل تارڙ ۽ پوليو جي خاتمي جي قومي پروگرام جي چيئرپرسن عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.