وزيراعظم جي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري

وزيراعظم جي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري

ڪراچي (پاکستان نیوزپوائنٹ12اگست2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري، هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم مزار قائد تي رکيل مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪندي قائداعظم محمد علي جناح کي زبردست انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. مزار تي مقرر پاڪستان نيوي جي دستي باباءِ قوم کي سلامي پڻ ڏني. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، سنڌ جو گورنر محمد زبير، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، مسلم ليگ (سنڌ) جي قيادت ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.