پرڏيهي وزارت ڀارتي فوج جي ظلم کي بي نقاب ڪري: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پرڏيهي وزارت ڀارتي فوج جي ظلم کي بي نقاب ڪري: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي والاريل ڪشمير جي عوام جي پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ جائز جدوجهد لاءِ پاڪستان جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي پرڏيهي وزارت کي ڀارتي قابض فوج طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي بي نقاب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان ڳالهه جو اظهار هن جمعي ڏينهن پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه طرفان کيس پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن جي باري ۾ ڏنل بريفنگ ۾ ڪيو، وزيراعظم آفيس ۾ بريفنگ دوران پرڏيهي معاملن وارو وزير خواجه محمد آصف به موجود هو. بريفنگ ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بابت اهميت رکندڙ معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اقتصادي، سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ٻين ملڪن سان هڪجهڙي لاڀائتي حصيداري ڪندي پاڪستان جي حقيقي اقتصادي صلاحيت کي استعمال ۾ آندو وڃي.