اليڪشن ڪميشن پاران ميمرن کي 30 سيپٽمبر 2017ع تائين گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت

اليڪشن ڪميشن پاران ميمرن کي 30 سيپٽمبر 2017ع تائين گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي ميمبرن، سينيٽرن ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجا ساليانا گوشوارا 30 سيپٽمبر 2017ع تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. هر ميمبر کي گوشواري جي فارم ۾ پنهنجي ۽ گهرڀاتين ۽ اهي ماڻهو جيڪي سندن ڪفالت هيٺ هوندا آهن انهن جي اثاثن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي 30 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائڻا هوندا آهن. هر ميمبر اثاثي جي فارم جي هر صفحي تي تصديق طور صحيحون ڪندو، اهڙن ميمبرن جن پنهنجي اثاثن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي 30 سيپٽمبر تائين جمع ڪرايا هوندا آهن انهن جي نالا 15 آڪٽوبر تي شايع ڪيا ويندا آهن ۽ جيڪي ميمبر پنهنجي اثاثن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع نه ڪرائيندا انهن جي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي ۽ ان وقت تائين بحال نه ڪئي ويندي جيستائين هو پنهنجي اثاثن جي تفصيل جمع نه ڪرائيدا، گوشوارن جا فارم اليڪشن ڪميشن ۽ چئني صوبائي اليڪشن ڪميشن جي آفيسن مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهجن ٿا۔