وزيراعظم پاران وفاقي وزيرن کي دلچسپي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت

وزيراعظم پاران وفاقي وزيرن کي دلچسپي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وفاقي وزيرن کي انهن جي لاڳاپيل وزراتن جي معاملن جي حوالي سان هدايتون جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته هو دلچسپي سان ڪم ڪندي سمورن جاري منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪن جڏهن ته ڪم جي معيار ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته وفاقي وزيرن کي سندن لاڳاپيل وزارتن/ ڊويزنن بابت فرضن جي ادائيگي لاءِ ڪنهن پرڏيهي سفر جي اجازت وٺڻ جي ضرورت نه هوندي، وزير اهڙي ڪنهن سرڪاري سفر جي صورت ۾ وزيراعظم آفيس کي صرف ان جي تاريخن کان آگاهه ڪن، وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته وفاقي وزيرن کي مملڪتي وزير ۽ پنهنجي ماتحت وزارتن/ ڊويزنن/ لاڳاپيل کاتن ۽ خودمختيار ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سمورن آفيسرن جي حوالي سان ان ڏس ۾ اجازت ڏيڻ جا مڪمل اختيار حاصل هوندا ته جڏهن ته پاليسي معاملن طور وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري اڻٽر صورت کانسواءِ هڪ ئي وقت پرڏيهي ملڪ سفر نه ڪندا ۽ اهڙي اڻٽر صورت ۾ وزيراعظم کي سفر کان پهرين آگاهه ڪيو ويندو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سمورن وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪن ۽ سمورن جاري منصوبن کي نهايت شفافيت ۽ ڪم جي معيار کي يقيني بڻائيندي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪن.