قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين پاران شيخ رشيد سان پيش آيل واقعي جي مذمت

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين پاران شيخ رشيد سان پيش آيل واقعي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين شيخ رشيد سان پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي ان واقعي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ان خلاف ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ به ڪيو، جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ قومي وطن پارٽي انهن جو ساٿ نه ڏنو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر اعتراض واري نقطي تي چيو ته ايوان ۾ قائد ايوان جي چونڊ واري ڏينهن ايوان جي اندر نعريبازي غلط هئي ۽ پوءِ ٻاهر وڃي شيخ رشيد سان جيڪو سلوڪ ٿيو اهو افسوسناڪ آهي، ان سان ميمبرن جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، ان تي ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ان باري ۾ استحقاق واري رٿ به ملي آهي، شيخ رشيد چيو ته بغير پاسز جي ماڻهو ايوان ۾ آيا منهنجا به 4 ورڪر بغير پاس جي هتي آيا، منهنجي تقرير سڌو سنئون نه ڏيکاري وئي، اهو منهنجو حق هو، اسپيڪر مون کي چيو ته منهنجي دروازي کان ٻاهر وڃ، آئون ان جو ٿورائتو آهيان ۽ چيو ته آئون پنهنجي تڪ وارن کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس، مون ٿورو ادا ڪيو ۽ آئون ميمبرن جي لاءِ مختص رستي کان ويس، هن چيو ته پوليس ۽ قومي اسيمبلي جي عملي منهنجو ساٿ ڏنو، پر 500 ماڻهن جي سامهون هو ڇا ڪن، هن چيو ته جيڪي ماڻهو ان ڏينهن ايوان ۾ بغير پاسز جي آيا انهن جي فهرست ڏني وڃي، صاحبزاده طارق الله چيو ته وزيراعظم جي چونڊ ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو، ان هائوس جو مذاق اڏايو ويو جيڪو مذمت جي قابل آهي، جمهوريت ۾ هر هڪ حصو وٺي سگهي ٿو، تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته شيخ رشيد استحقاق واري رٿ آندي آهي، ايوان ۾ سندس استحقاق مجروح ٿيو آهي، جيڪڏهن بغير پاسز جي ماڻهن کي اچڻ ڏيندا ته ڪير به اچي سگهي ٿو، ان جي استحقاق واري رٿ آندي وڃي، ان واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، اسپيڪر معاملي کي ڄاڻي ويو هو اسان ان جي سوچ کي ساراهيون ٿا، ان جي جاچ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وڃي، شيخ صلاح الدين چيو ته شيخ رشيد هڪ سينئر ميمبر آهي ان سان پيش آيل واقعو افسوسناڪ آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، استحقاق واري رٿ جي ايم ڪيو ايم مڪمل سپورٽ ڪري ٿي، غلام احمد بلور چيو ته سينئر ميمبر سان جيڪو واقعو ٿيو ان جي مذمت ڪريون ٿا، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. جمشيد دستي چيو ته ٻاهر گئلري ۾ ويس ته مون کي گاريون ڏنيون ويون، مون واپس اچي صورتحال کان شيخ رشيد کي آگاهه ڪيو، اتي اسان کي ڌڪا ڏنا ويا، ان بعد تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ شيخ رشيد اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، پر پيپلزپارٽي اي اين پي ۽ قومي وطن پارٽي انهن جو ساٿ نه ڏنو.