نئين وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو

نئين وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) 43 رڪني وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو، صدر ممنون حسين 27 وفاقي وزيرن ۽ 16 مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو، حلف برداري جي پروقار تقريب جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به تقريب ۾ موجود هو، نئين وفاقي ڪابينا ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ڪابينا جا تقريبن ميمبر شامل آهن تنهن هوندي به انهن ۾ 5 نون وفاقي وزيرن پرويز ملڪ، سيد جاويد علي شاهه، جنرل (ر) صلاح الدين ترمزي، اويس احمد لغاري ۽ مولانا امير زمان جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته مشاهد الله خان کي به ٻيهر وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حلف کڻندڙ وفاقي وزيرن ۾ محمد اسحاق ڊار، ڪامران مائيڪل، محمد پرويز ملڪ، حافظ عبدالڪريم، انجنيئر خرم دستگير، سيد جاويد علي شاهه، رانا تنوير حسين، خواجه محمد آصف، اڪرم خان دراني، غلام مرتضيٰ جتوئي، رياض حسين پيرزاده، احسن اقبال، جنرل (ر) صلاح الدين ترمزي، محمد برجيس طاهر، زاهد حامد، مشاهد الله خان، اويس احمد خان لغاري، پير سيد صدر الدين شاهه راشدي، مير حاصل خان بزنجو، خواجه سعد رفيق، سردار محمد يوسف، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، سائره افضل تارڙ، سڪندر حيات بوسڻ، شيخ آفتاب احمد خان، محمد بليغ الرحمان ۽ مولانا امير زمان شامل آهن. 16 مملڪتي وزيرن ۾ 10 نون ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي. حلف کڻندڙ مملڪتي وزيرن ۾ مريم اورنگزيب، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، حاجي محمد اڪرم انصاري، محمد جنيد انوار، عابد شير علي، ڄام ڪمال خان، انوشه رحمان، ڊاڪٽر درشن، محمد طلال چوڌري، بئريسٽر عثمان ابراهيم، عبدالرحمان ڪانجو، چوڌري جعفر اقبال، سردار محمد ارشاد خان لغاري، محسن شاهنواز رانجها، پير امين الحسنات ۽ غالب خان شامل آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سرداراياز صادق، ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون موجود هيون. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو حلف ۽ حلف برداري جي تقريب جي ڪارروائي قومي ٻولي اردو ۾ هلائي وئي.