پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 13جولائی2017ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي دفاعي پيداوار واري وزارت سميت سمورن قومي ادارن کي چيو آهي ته مالياتي نظم ۽ ضبط يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، نيت بيشڪ سـٺي هجي، جيڪڏهن دستاويز صحيح نه هجن ته شفافيت يقيني نه ٿي بڻائي سگهجي. اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين سيد خورشيد شاهه جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن شيخ روحيل اصغر، جنيد انوار چوڌري، ارشد خان لغاري، راجا جاويد اخلاص، سردار عاشق حسين گوپانگ، سينيٽر شيري رحمان، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سينيٽر مشاهد حسين سيد، پرويز ملڪ، اعظم سواتي، شيخ رشيد احمد ۽ رانا افضال حسين سميت لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ دفاعي پيداوار واري وزارت جي 13 – 2012ع ۽ هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جي 14 – 2013ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. دفاعي پيداوار واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي سينيٽر اعظم سواتي چيو ته پاڪ فوج ۽ دفاعي ضرورتون اسان جي اولين ترجيح آهي، بجيٽ جو وقت سر استعمال ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط هجڻ گهرجي. دفاعي پيداوار واري وقتي سيڪريٽري چيو ته سمورا فنڊز اسان وٽ امانت آهن، اسان هڪ هڪ پئسو سوچي سمجهي خرچ ڪريون ٿا. هن چيو ته ايروناٽيڪل ڪمپليڪس ۽ دفاعي پيداوار جي ٻين ادارن جا منصوبا پائيپ لائين ۾ آهن، ٻاهرئين ملڪ مان خريداري ڪرڻي پوي ٿي. پي اي سي جي چيئرمين چيو ته مالياتي نظم ۽ ضبط جي گهرج آهي ته فنڊن جو وقت سر استعمال يقيني بڻايو وڃي. سردار عاشق حسين گوپانگ هڪ آڊٽ اعتراض جي جائزي دوران ريمارڪس ڏنا ته پيپرا رولز ۾ تبديلي وقت جي اهم گهرج آهي، نيت ڪيتري به سٺي ڇو نه هجي، دستاويز صحيح نه هوندا ته اهو مالياتي نظم ۽ ضبط جي ابتڙ هوندو.