پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 12جولائی2017ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي واپڊا پاران ٻڌايو ويو آهي. نيلم جهلم منصوبي تي ڪم حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، 31 مارچ تائين ان منصوبي مان 969 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار شروع ٿي ويندي جڏهن ته پي اي سي پاران مختلف ڊيمن جي لاءِ حاصل ڪيل ملڪي ۽ پرڏيهي قرضن جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته وياج جي وڌيڪ شرح تي حاصل ڪيل قرضن جو سمورو بار صارفين تي پوي ٿو. اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن پي اي سي جي چيئرمين سيد خورشيد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ پي اي سي جي ميمبرن ارشد خان لغاري، جنيد انوار چوڌري، پرويز ملڪ، شيخ رشيد احمد، سردار عاشق حسين گوپانگ، سيد نويد قمر، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سينيٽر اعظم سواتي، سينيٽر شيري رحمان کانسواءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پي اي سي کان پڇاڻي تي واپڊا چيئرمين جنرل (ر) مزمل حسين چيو ته گذريل ڏينهن هو ڪنهن سبب جي ڪري اجلاس ۾ نه اچي سگهيو. ميمبرن جي ذهنن ۾ سندس غيرموجودگي جي حوالي سان بدگماني آهي اها ختم ڪئي وڃي. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران گردشي قرضن ۽ پن بجلي جي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اوڳاڙيون هن وقت 93 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. نيپرا پاران اوڳاڙين جو هدف 100 سيڪڙو آهي. هن چيو ته 182 ارب جي اوڳاڙين سبب گردشي قرضن جو ڪاٿو 232 ارب تائين پهچي ويو آهي جيڪو اڳ ۾ 401 ارب هو. سڪوڪ بانڊز جي حوالي سان بريفنگ ۾ پي اي سي کي ٻڌايو ويو ته واپڊا کي حڪومت پاران پهريون ڀيرو 1987ع ۾ بانڊز جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. 1987ع کان 2004ع تائين اسان 10 بانڊز جاري ڪيا. بعد ۾ اها ذميواري بئنڪن جي حوالي ڪئي وئي. 2005ع ۾ واپڊا کي منگلا ڊيم ريزنگ جي لاءِ 8 ارب جي سڪوڪ بانڊز جاري ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو. ان جو مدو سال هو، اهو آڪٽوبر 2012ع ۾ ادا ٿي چڪو آهي. ان ۾ حڪومت جي ضمانت هئي. ٻيو سڪوڪ بانڊز پڻ ادا ٿي چڪو آهي. ٽيون 2013ع ۾ نيلم جهلم جي لاءِ جاري ڪيو ويو. ان جي ادائگي به ٿي رهي آهي، جون 2016ع ۾ به نيلم جهلم جي لاءِ جاري ڪيو ويو. واپڊا 25 ارب رپين جو قرض پڻ ادا ڪري ڇڏيو آهي. مئي 2017ع ۾ داسو ڊيم جي لاءِ 144 ارب جا بانڊز جاري ڪيا ويا. ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته ان تي وياج جي شرح 11 سيڪڙو آهي. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته وياج جي شرح ساڍا 7 سيڪڙو آهي. ڊاڪٽر عذرا فضل چيو ته ان جو بار صارفين تي پوي ٿو. پن بجلي جي قيمت ٽيڻ تي وڌي وئي آهي. شيري رحمان چيو ته اندروني ۽ ٻاهريان قرض پارليامينٽ جي منظوري کانسواءِ ورتا ويا. ان جو بار عوام تي پئجي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾پي اي سي کي ٻڌايو ويو ته غازي بروٿا، چشما، منگلا ۽ تربيلا ڊيمن تي قرض 300 ارب جو آهي ۽ ساليانو 30 کان 35 ارب وياج جي مد ۾ ڏيڻو پوي ٿو ۽ 35 کان 40 ارب رپيا اصل رقم ادا ڪئي پئي وڃي. سمورا منصوبا ايڪنڪ جي منظوري سان شروع ڪيا وڃن ٿا. نيلم جهلم منصوبي جي حوالي سان پي اي سي کي ٻڌايو ويو ته 68.2 ڪلوميٽر سرنگهون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان منصوبي ۾ مشڪلاتن تي ضابطو آندو ويو آهي. ڪم اطمينان جوڳي انداز ۾ جاري آهي. 425 ٽاور لڳڻا آهن، 421 تي ڪم ٿي چڪو آهي، آڪٽوبر ۾ پاڻي جمع ڪرڻ شروع ڪنداسين. ايندڙ سال فيبروري ۾ اهو منصوبو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. ڪشن گنگا ڊيم سبب اسان جي پاڻي ۾ 20 کان 25 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته ايندڙ سال 31 مارچ 969 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار ۽ نيلم جهلم شروع ٿي ويندي. ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي واپڊا چيئرمين جنرل (ر) مزمل حسين چيو ته نيلم جهلم منصوبي کي باقاعده جيالوجيڪل سروي کانپوءِ شروع ڪيو ويو. آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي کانپوءِ ٻيهر سروي ڪرائي وئي جنهن کانپوءِ منصوبي جي ڊيزائن ۾ تمام گهڻي حد تائين تبديلي ڪئي وئي جنهن سان ان ڊيم جو خاڪو تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته بجلي جي پيداواري قيمت 15 کان 16 رپين تائين وڃي رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان کي 9 رپين تائين آڻيون. فيبروري 2018ع تائين اهو منصوبو مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته هر سال 30 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ هليو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ پاڻي جو ساليانو وهڪرو 145 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي دستياب آهي. پاڻي جي بچت لاءِ اسان کي نوان ڊيم ٺاهڻا پوندا. ديامير، ڪالاباغ، اکوڙي، مهمند ۽ داسو جي جاين تي ذخيرا تعمير ٿي سگهن ٿا. موجوده ڊيمن جي اپ ريزنگ بدران اسان وٽ اهڙيون جايون اهن جتي اسان آساني سان نوان ڊيم ٺاهي سگهون ٿا. پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته نولانگ ڊيم جي حوالي سان بلوچستان حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن. ان منصوبي تي 26 ارب لاڳت ايندي. فنڊنگ جي لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پي اي سي چيئرمين سيد خورشيد شاهه چيو ته ان ڊ يم سان 3 کان 4 لک ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ملڻو هو ۽ هڪ لک ايڪڙ زمين سيراب ٿي سگهي پئي. ان منصوبي کي بند ڪيو ويو. هن چيو ته نولانگ ۽ دادو ڊيمن کي 22 ڪروڙ جو خرچ ڪري بند ڪيو ويو. ان نقصان جو ذميوار ڪير آهي، پي اي سي کي ٻڌايو ويو ته ڪڇي ڪينال منصوبو به مڪمل ڪيو پيو وڃي. سيد خورشيد شاهه چيو ته بلوچستان ۾ پاڻي جي ٻنهي منصوبن تي 22 ۽ 30 ڪروڙ رپيا جيڪي ضايع ڪيا ويا، ان جو ذميوار ڪير آهي ۽ پي اي سي کي ٻڌايو وڃي ته ان جي ريڪوري جي ڇا جي لاءِ ڪئي وڃي. پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر چيو ته منصوبو مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وسيلا ناڪافي آهن، اهي منصوبا شروع ته ڪري سگهجن ٿا، مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فنڊز گهربل هوندا. هن چيو ته پاڻي جي شعبي جي لاءِ مخصوص ڪيل رقم 59 ارب کان گهٽ ٿي 35 ارب تائين اچي وئي آهي. پي اي سي کي بريفنگ ڏيندي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ٻڌايو ته هن وقت اصل نقصان 17.9 سيڪڙو آهن، 2013ع ۾ اهي نقصان 19.6 سيڪڙو هئا. ريڪوريون 94 سيڪڙو آهن، جيڪڏهن 2013ع کان وصوليون اهڙي طرح ٿين ها ته اڄ اسان کي گردشي قرضن کي منهن ڏيڻو نه پوي ها. هن چئني صوبن، آزاد ڪشمير، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ فاٽا مان وصولين ۽ رهتن جا تفصيل پڻ ٻڌايا.