تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سدائين استعيفيٰ جو ئي مطالبو ڪيو آهي: طلال چوڌري

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سدائين استعيفيٰ جو ئي مطالبو ڪيو آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 11جولائی2017ء) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر طلال چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سدائين استعيفيٰ جو ئي مطالبو ڪيو آهي ۽ پنهنجي 100 پريس ڪانفرنس مان 90 جي اندر عمران خان جو اهو ئي مطالبو رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اڱاري ڏينهن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. طلال چوڌري چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف کان استعيفيٰ گهرندڙن عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي آهي ڇو ته پاڪستاني عوام وزيراعظم محمد نواز شريف کي 5 سالن جو مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ٽيون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم چونڊيو آهي، اسان ته عدالتن آڏو پيش ٿيا آهيون جن اڃا اهڙو ڪو فيصلو ناهي ڪيو ان لاءِ وزيراعظم محمد نواز شريف جي استعيفيٰ جي مطالبي جو ڪو جواز ئي نه ٿو بڻجي. عمران خان ڪڏهن عدالتن جي ڪلهن تي ۽ ڪڏهن جي آءِ ٽي جي ڪلهن تي ويهي پنهنجي سياسي ساک کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ڇو ته کيس 2018ع جي چونڊ ان ئي بنياد تي وڙهڻي آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي ايندڙ چونڊون به پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهڻيون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ توانائي جي منصوبن سميت سي پيڪ جي مڪمل ٿيڻ، پاڪستاني معيشت جي استحڪام، دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. عمران خان جو ته ڪم ئي روزانو پريس ڪانفرنس ڪرڻ، پوءِ انهن ۾ الزامن هڻڻ ۽ بعد ۾ معافي وٺڻ ۽ استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ آهي. هن چيو ته عمران خان بار بار استعيفيٰ جو مطالبو نه ڪري ڇو ته نه ئي ڪڏهن اهو وقت ايندو ۽ نه ئي سندس اها خواهش پوري ٿيندي.