عمران خان ۽ شيخ رشيد 20 ڪروڙ عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهيا آهن: طلال چوڌري

عمران خان ۽ شيخ رشيد 20 ڪروڙ عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهيا آهن: طلال چوڌري

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 11جولائی2017ء) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان ۽ شيخ رشيد 20 ڪروڙ عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهيا آهن، نواز شريف کان استعيفيٰ گهرندڙن وٽ هڪ ئي رستو آهي ته اهي 20 ڪروڙ پاڪستانين جي سامهون وڃي پنهنجو موقف رکن، جيڪڏهن 20 ڪروڙ جي جي آءِ ٽي اسان کي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو ته اسان بنا ڪنهن پڇڻ جي گهر هليا وينداسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف اسان تي عدليه جي توهين جو الزام هڻن ٿا جڏهن ته اهي پاڻ ادارن جي خلاف اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪن ٿا اسان کي چيو ويو ته جي آءِ ٽي کي ڪاسائي جي دڪان ڇو چيو ويو؟ ته شيخ رشيد اهو ڇو چيو ته قرباني کان اڳ قرباني ان لاءِ نه ٿي ڇو ته قصائي ڀڄي ويا ڪير شيخ رشيد کان پڇي ته قصائي ڪنهن کي چيو هو؟ عمران خان امپئر جي آڱر جي ڳالهه ڪئي هئي ته سندس اشارو ڪنهن طرف هو. طلال چوڌري چيو ته جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ٿو ته اسان ڪنهن اداري جي احترام ۾ گهٽتائي ڪنداسين ته اهي غلط سوچي رهيا آهن، اسان پنهنجا خدشا کڻي سپريم ڪورٽ وينداسين.