سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حوالي سان لاڳاپيل وزارت بريفنگ جواهتمام ڪري: مراد سعيد

سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حوالي سان لاڳاپيل وزارت بريفنگ جواهتمام ڪري: مراد سعيد

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر مراد سعيد چيو آهي ته سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حواليسان لاڳاپيل وزارت بريفنگ جو اهتمام ڪري. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي مراد سعيد چيو ته سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حوالي سان لاڳاپيل وزارت هڪ هفتي ۾ بريفنگ ڏيڻ جو واعدو پورو ناهي ڪيو، مسئلو ڪجهه ڪمپنين يا ڪجهه هزار ماڻهن جو نه اهو لکين ماڻهن جي روزگار جو مسئلو آهي، حڪومت کي صورتحال واضح ڪرڻ گهرجي.