وزيراعظم جي مصباح الحق کي ٽيليفون، ٽيسٽ مئچ ۾ ڪاميابي تي مبارڪون

وزيراعظم جي مصباح الحق کي ٽيليفون، ٽيسٽ مئچ ۾ ڪاميابي تي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 15 اگست2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سومر ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس اوول ۾ انگلينڊ جي خلاف آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 70 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ان تاريخي ڪاميابي کي پوري قوم جي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو تحفو قرار ڏنو. هن خاص طور تي يونس خان ۽ ياسر شاهه جي تاريخي ۽ غير معمولي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. يونس خان ڊبل سينچري ٺاهي ۽ ياسر شاهه 6 وڪيٽون ورتيون جنهن سبب ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي پوزيشن مستحڪم ٿي. وزيراعظم چيو ته شاندار ٽيم ورڪ تي سڄي ٽيم زبردست واکاڻ جي مستحق آهي، مصباح الحق وزيراعظم سان ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته آزادي جي ڏهاڙي تي ٽيسٽ ميچ کٽڻ حقيقت ۾ سڄي ٽيم جي ڪاميابي آهي، هن چيو ته اسان کي وزيراعظم ۽ سڄي قوم پاران حوصلا افزائي ملڻ تي وڏي خوشي ٿي آهي جنهن سبب ٽيم جو مورال ۽ جذبي کي وڌيڪ سگهه ملندي.