پاڪستان جي سلامتي، بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ هر دنياوي مفاد کي قربان ڪنداسين: وزيراعظم محمد نواز شريف جو 14 آگسٽ ڏهاڙي تي پيغام

پاڪستان جي سلامتي، بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ هر دنياوي مفاد کي قربان ڪنداسين: وزيراعظم محمد نواز شريف جو 14 آگسٽ ڏهاڙي تي پيغام

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 13 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته 14 آگسٽ جي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته جيستائين زندهه آهيون پاڪستان جي سلامتي، بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ هر دنياوي مفاد کي قربان ڪنداسين، قائداعظم جي قيادت نه هجي ها ته پاڪستان جو قيام ممڪن نه هو، پوري قوم دهشتگردن جي خلاف متحد آهي، جيڪڏهن اسان جي فوج، سلامتي جا ادارا، پوليس ۽ عوام پنهنجو رت نه ڏي ها ته ملڪ جي بقاءَ ۽ سلامتي ممڪن نه هجي ها، هن سال 14 آگسٽ تي ڪشميرين جي نانءُ ڪريون ٿا، جن رياستي جبر جو مقابلو ڪيو پر آزادي جي جذبي کي زندهه رکيو آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو آهي ته 14 آگسٽ جو اڄوڪو ڏهاڙو روايتي خوشي سان گڏوگڏڏک جي گهري احساس کي پڻ پنهنجي اندر سهيڙيل آهي، ڪوئيٽا جي شهيدن جو ڏک اڃا تازو آهي، اڄ اسان انهن شهيدن کي پڻ ياد ڪري رهيا آهيون جن هن آزادي کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اهو ڏهاڙو پاڪستاني قوم جي ان عزم سان اڀري رهيو آهي ته پاڪستان الله جي فضل سان سدائين قائم رهندو. وزيراعظم چيو ته 1965ع جو جذبو اڄ به پنهنجي پوري شان زندهه آهي، جڏهن پاڪستان جي فوج ۽ عوام کي هڪ ٻئي سان گڏجي دشمن کي منهن ڏيڻو هو، هي آزادي جو ڏهاڙو ان جي ڪري ئي به يادگار آهي ته هن وقت والاريل ڪشمير ۾ آزادي جو جذبو پنهنجي عروج تي آهي، ڪشميرين جي نئين نسل هڪ نئين جذبي سان آزادي جو جهنڊو کنيو آهي. وزيراعظم هن سال 14 آگسٽ تي ڪشمير جي آزادي جي نالي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هو آزادي جي ڏهاڙي کي ڪشميرين جي نالي ڪن ٿا جن رياستي جبر جو مقابلو ڪيو پر آزادي جي جذبي کي زندهه رکيو. وزيراعظم چيو ته آزادي حاصل ڪرڻ جيترو مشڪل آهي ان جي حفاظت ان کان وڌيڪ مشڪل آهي، قائداعظم جي قيادت نه هجي ها ته پاڪستان جو قيام ممڪن نه ٿئي ها، اهڙي طرح جيڪڏهن اسان جي فوج، سلامتي جا ادارا، پوليس ۽ عوام ان جي لاءِ پنهنجو رت نه ڏي ها ته ان جي بقاءَ ۽ سلامتي ممڪن نه هئي. وزيراعظم چيو ته آگسٽ جي مهيني ۾ جتي اسان قائد ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ياد ڪريون ٿا، اتي انهن شهيدن کي به ياد ڪريون جيڪي ملڪ جي لاءِ جان ڏئي امر ٿي ويا آهن، اهي هر مسلڪ ۾ آهن، اهي هر مذهب ۾ آهن، اهي سڀ پاڪستاني آهن، هي قوم جا ماڻهو آهن، اسان پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهيون اسان انهن جي روحن کي سلام پيش ڪريون ٿا، اهي سڀ ان ڳالهه جو اعلان ڪري رهيا آهن ته قوم دهشتگردن جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته جيستائين زندهه آهيون پاڪستان جي سلامتي، بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ هر دنياوي مفاد کي قربان ڪنداسين. اسان شهيدن جي ان روايت کي اڳيان وڌائينداسين ته اسان کانپوءِ دنيا اسان جي حق ۾ اها ئي شهادت ڏي جيڪا اڄ اسان پنهنجي شهيدن جي لاءِ ڏئي رهيا آهيون.