قومي اسيمبلي جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جواجلاس

قومي اسيمبلي جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جواجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) قومي اسيمبلي جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ شاڪر بشير اعواڻ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ گذريل گڏجاڻي جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي جڏهن ته پلانٽس بريڊرز رائيٽس بل 2016ع تي غور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ان موقعي تي چيو ته پلانٽس بريڊرز رائيٽس بل 2016ع جي توثيق ڪئي وڃي ڇو ته اهو بل قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اڳ ۾ ئي متفقه طور تي منظور ڪيو آهي. ڪميٽي پلانٽ بريڊرز رائيٽس بل 2016ع کي متفقه طور تي پاس ڪيو. ڪميٽي جي اجلاس ۾ طاهر اقبال چوڌري، رائو محمد اجمل خان، سيد افتخارالحسن، شهناز سليم، ڊاڪٽر فوزيه حميد، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سڪندر حيات خان بوسڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.