قومي اسيمبلي ۾ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي خلاف بحث جاري

قومي اسيمبلي ۾ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي خلاف بحث جاري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09 اگست2016ء) قومي اسيمبلي ۾ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي خلاف بحث اڱاري ڏينهن به جاري رهيو ۽ ان دوران ميمبرن دهشتگردي خلاف پارليامينٽ جي منشا سان پاليسي ٺاهي، شهيدن جي پوئينرن سان تعزيت ۽ زخمين جي عيادت لاءِ پارلياماني وفد موڪلڻ جي تجويز ڏني، ميمبرن چيو ته دهشتگردي خلاف اسان کي سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي يڪجهتي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪوئيٽا ۾ خوفناڪ دهشتگرد حملن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جي واقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر امجد علي خان چيو آهي ته ڪوئيٽا واقعو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ فيصلن ۾ جيستائين عوام کي شامل نه ڪنداسين اسان لاش کڻندا رهنداسين. جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي قومي اسيمبلي ميمبر مولانا گوهر شاهه چيو ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي تربيت يقيني بڻائي وڃي ۽ ان کي جديد اوزار فراهم ڪيا وڃن، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت ڌرڻن بدران عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڌيان ڏي. مولانا گوهر شاهه واقعي جي مذمت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ميان عبدالمنان چيو ته دهشتگردي جي خلاف هڪگڏيل لائحه عمل ۽ طريقيڪار واضح ڪرڻ گهرجي، قومي اسيمبلي جو هڪ وفد ڪوئيٽا وڃي متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري، ميان عبدالمنان ڪوئيٽا واقعي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته سياسي پارٽين کي قوم جي ڏک ۾ شامل ٿي دهشتگردي جي خلاف هڪ گڏيل لائحه عمل ۽ طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي دهشتگردي خلاف لائحه عمل جوڙيو وڃي، ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جمهوريت، عوام، وفاق ۽ خطي خلاف سازش آهي، وزيراعظم ان کي ٽيسٽ ڪيس بڻائي ۽ فرنٽ فوٽ تي وڃي اهڙي ملڪ دشمن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري. هائوسنگ ۽ تعميرات واري وفاقي وزير اڪرم دراني چيو ته دهشتگردي جو واقعو افسوسناڪ آهي، سي پيڪ ڪنهن هڪ صوبي جو نه پر سڄي ملڪ جو منصوبو آهي، ان سان نئون پاڪستان ٺهڻ وڃي رهيو آهي، جيڪڏهن اسان جا دشمن اسان جي خلاف واضح ڪاررواين ۾ ملوث آهن ته اسان کي به انهن جو نالو وٺڻ گهرجي، پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالستار بچاڻي بحث ۾ حصو وٺندي واقعي جي مذمت ڪئي، مسلم ليگ (ن) جي ميمبر طاهره اورنگزيب چيو ته اسان کي ڪوئيٽا ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ۽ شهيد ٿيندڙن جي گهرن ۾ وڃي تعزيت ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته پنهنجي هڪڙي مهيني جي پگهار مارجي ويلن جي بيواهن کي ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي، ان ڌماڪي مان اسان سبق حاصل ڪريون ته اسان کي دهشتگردي جي خلاف يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي امن جو گهوارو بڻائڻ لاءِ مثبت تجويزن جي آجيان ڪنداسين. اسپيڪر چيو ته هو پنهنجي پگهار ڏيڻ جي تجويز جي حوالي سان ميمبرن کان صحيحون وٺي آگاهه ڪري پوءِ فيصلو ڪري وٺنداسين. ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڊاڪٽر فوزيه حميد بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ڪوئيٽا جي دهشتگردي جو افسوسناڪ واقعي کانپوءِ اسان سڀ متحد ٿي ويا آهيون، اسان کي قوم طور متحد ٿيڻ گهرجي، نيشنل ايڪشن پلان تي تعصب کان مٿانهون ٿي ڪري ڪم ڪريون ها ته اڄ دهشتگردي نه هجي ها. اسان کي سياسي اختلافن هڪ پاسي رکي قدم ۽ قانونسازي ڪرڻي پوندي ته جيئن دهشتگردي جو خاتمو ٿي سگهي، پارلياماني سيڪريٽري رجب علي خان بلوچ چيو ته ڪوئيٽا جو افسوسناڪ واقعو مذمت جي قابل آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين سان دهشتگردي جي واقعن ۽ ان جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي ان موقعي تي اسان کي اتحاد جو پيغام ڏيڻو پوندو، ننڍن صوبن جي حق تي وڏن صوبن جي قبضي هجڻ جون ڳالهيون عقلمندي نه آهن، سنڌ صوبي ۾ رينجرز جي اچڻ سان ڏوهن جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، نواز شريف پابندين جي باوجود ايٽمي ڌماڪا ڪيا، جماعت اسلامي جي ميمبر شير اڪبر خان چيو ته امن امان جو قيام هر پارٽي جي منشور ۾ شامل آهي، هن دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ آمريڪا کان الڳ ٿيڻ، پاڙيسري ملڪ افغانستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي پاليسي تي نظرثاني جي تجويز ڏني، هن چيو ته گهرو ڪميٽي جي ميمبرن کي تعزيت جي لاءِ ڪوئيٽا وڃڻ گهرجي. نعميه ڪشور بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته اي پي ايس کانپوءِ اهو وڏو واقعو آهي، اسان کي هن وقت سنجيده سان گڏجي پنهنجي خامين تي غور ڪرڻ گهرجي، پاليسي سازي ۾ هن ايوان کي به شامل ڪرڻو پوندو، هن تعزيت جي لاءِ پارلياماني وفد موڪلڻ جي تجويز ڏني، هن چيو ته ميڊيا مالڪن کان پڇيو وڃي ته هو پنهنجي ورڪرن کي ڪيتري سيڪيورٽي ڏيندا آهن. تحريڪ انصاف جي ميمبر منزه حسن چيو ته عوام ۾ عدم تحفظ آهي، اسپتالن ۾ جنگ دوران به حملا ناهن ٿيندا، عالمي سطحتي ان واقعي جي مذمت ٿيڻ گهرجي، ڇا ڪل ڀوشن ياديو جي قدم ڄمائڻ جي اعتراف تي اسان عالمي سطح تي ثبوت پيش ڪيا آهن، نيشنل ايڪشن پلان تي ڪيتري قدر عملدرآمد ٿيو، ان جي باري ۾ آگاهه ڪيو وڃي، ميڊيا هائوسز پنهنجي صحافين جي انشورنس ڪرائين، مسلم ليگ فنڪشنل جي ميمبر غوث بخش مهر چيو ته دهشتگردي خلاف گڏيل ۽ متفقه لائحه عمل جوڙڻو پوندو ۽ جنگي بنيادن تي اڳتي وڌڻو پوندو، جمشيد احمد دستي چيو ته ڪوئيٽا واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، هن چيو ته اهڙن واقعن کي دشمن ملڪن جي سازشن جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي ان معاملي کي گڏيل قومن ۾ کنيو وڃي، ميجر (ر) طاهر اقبال چيو ته جيڪي ماڻهو شهيد ٿيا آهن الله انهن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، بلوچستان جي پهرين صف جا وڪيل ان دهشتگردي جو شڪار ٿيا آهن، هن چيو ته مسجد نبوي جي ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي، سڄي مسلم دنيا کي گڏجي ويهي سوچڻ گهرجي، دهشتگردي جي خلاف جنگ جي حوالي سان ٺوس تجويزون ڏنيون وڃن، عاليه ڪامران چيو ته منصوبابندي تحت وڪيل برادري کي نشانو بڻايو ويو آهي، ائين ڇو ٿيو ان جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، نظير احمد ٻگهيو چيو ته حڪومت دهشتگردي جي معاملي تي ان ڪئميرا اجلاس گهرائي ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي بريفنگ ڏني وڃي، محمد جمالدين چيو ته مولانا فضل الرحمان تي حملا ٿيا، مولانا حسن جان کي شهيد ڪيو ويو، هن چيو ته ڪنهن ڪارروائي ۾ مدرسن جي خلاف ثبوت آهن ته سامهون آندا وڃن، پاڪستان ۽ افغانستان کي ويجهو آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، نسيمه حفيظ چيو ته پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي، اسان کي سچ کي سامهون ٿيڻو پوندو، مولانا امير زمان چيو ته ڪوئيٽا ۾ ڏکوئيندڙ واقعو پيش ٿيو، ڪوئيٽا روزانو واقعا پيش ٿيندا رهيا آهن، صوبائي انتظاميه ان جو نوٽيس ناهي ورتو، جنهن سبب نوبت ايستائين پهچي وئي آهي، پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرائي اسان کي اصل حقيقتون ٻڌايون وڃن، آسيه ناصر به ڪوئيٽا واقعي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته وڪيلن جي اعليٰ قيادت کي سوچي سمجهي منصوبي تحت ختم ڪيو ويو، پاڪ فوج تي اسان جو اعتماد آهي، انهن واقعن کي مذهبي فرقيواريت سان جوڙڻ بدران ٻين رخن کي نظر ۾ رکي سوچڻ جي به ضرورت آهي. ميان عبدالمنان چيو ته سارڪ گهرو وزيرن ڪانفرنس ۾ گهرو وزير پاڪستان جو مضبوط موقف پيش ڪيو، گهرو وزير پارليامينٽ کي ان حوالي سان اعتماد ۾ وٺي، سيد نويد قمر به گهرو وزير کان مطالبو ڪيو ته هو سارڪ گهرو وزيرن واري ڪانفرنس جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ پاليسي بيان ڏي.