قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي هلندڙ سيشن جي 17 آگسٽ تائين واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي موقعي تي سومر ڏينهن معمول جي ڪارروائي معطل ڪري ڪوئيٽا سانحي کي بحث هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته قومي اسيمبلي جو هلندڙ سيشن 17 آگسٽ تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 10 آگسٽ تي پاڪستان جي قانونساز اسيمبلي جي 60 هين سالگرهه ملهائي ويندي جڏهن ته ان ڏينهن جي مناسبت سان ميمبر تقريرون ڪندا. هتي ان ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جو پهريون اجلاس 10 آگسٽ 1947ع تي ڪراچي ۾ ٿيو هو.