ڪوئيٽا سول اسپتال ۾ خودڪش ڌماڪو، ميڊيا جي نمائندن ۽ وڪيلن سميت 66 ماڻهو مارجي ويا،

105 زخمي، شهيد ٿيندڙن ۾ پاڪستان جا سينيئر وڪيل بازمحمد ڪاڪڙ، بلال ڪاسي ۽ آج نيوز جي ڪئميره مين شهزاد احمد سميت ٻيامقامي وڪيل شامل

ڪوئيٽا سول اسپتال ۾ خودڪش ڌماڪو، ميڊيا جي نمائندن ۽ وڪيلن سميت 66 ماڻهو مارجي ويا،
105 زخمي، شهيد ٿيندڙن ۾ پاڪستان جا سينيئر وڪيل بازمحمد ڪاڪڙ، بلال ڪاسي ۽ آج نيوز جي ڪئميره مين شهزاد احمد سميت ٻيامقامي وڪيل شامل

ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) ڪوئيٽا سول اسپتال ۾ خودڪش ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ميڊيا جي نمائندن ۽ وڪيلن سميت 66 ماڻهو مارجي ويا ۽ 105 زخمي ٿيا، شهيد ٿيندڙن ۾ پاڪستان جا سينيئر وڪيل باز محمد ڪاڪڙ، بلال ڪاسي ۽ آج نيوز جي ڪئميره مين شهزاد احمد سميت ٻيا مقامي وڪيل پڻ شامل آهن. سرڪاري ذريعن موجب خودڪش ڌماڪو سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي مرڪزي دروازي تي ان وقت ٿيو جڏهن ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مارجي ويندڙ بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر بلال ڪاسي جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ آندو ويو، ڌماڪي جي وقت وڪيل ۽ ميڊيا جي نمائندن سميت ٻيون سرڪاري شخصيتون موجود هيون، ڌماڪي جي فوري پوءِ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ اسپتال ۾ ڀاڄ پئجي وئي، زخمين کي سي ايم ايڇ ۽ بي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو. مختلف اسپتالن کان حاصل ڪيل انگن اکرن موجب سول اسپتال 66 ماڻهن جي شهيد ٿيڻ ۽ 105 زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. سي ايم ايڇ ڪوئيٽا 15 ماڻهن جي شهادت جڏهن ته 105 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي اهڙي طرح نجي اسپتال هڪ شخص جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، مجموعي طور تي سمورين اسپتالن 66 ماڻهن جي مارجڻ جڏهن ته 105 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، ٻئي طرف واقعي کانپوءِ مشتعل ماڻهن احتجاج ڪندي سول اسپتال جي مختلف شعبن ۾ گهڙي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ طبي ۽ ٻئي سامان کي نقصان پهتو. واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس موجب بم ڌماڪي ۾ 8 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، واقعي واري جاءِ تان مبينا خودڪش حملي آور جون ٽنگون پڻ مليون آهن تنهن هوندي به سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:16