جيستائين دهشتگردي جي خلاف ملڪ جو هر شهري اٿي نه ٿيندو مسئلو حل نه ٿيندو: وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ

جيستائين دهشتگردي جي خلاف ملڪ جو هر شهري اٿي نه ٿيندو مسئلو حل نه ٿيندو: وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) سيفران واري وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته جيستائين دهشتگردي جي خلاف ملڪ جو هر شهري اٿي نه ٿيندو مسئلو حل نه ٿيندو، مذهب جي نالي تي انتهاپسندي ٿي رهي آهي، ان جي خاتمي لاءِ مذهبي اڳواڻن کي اڳيان وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪوئيٽا واقعي خلاف بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم کي متحد ٿيڻ گهرجي، جيستائين ملڪ جو هر شهري دهشتگردن جي خلاف اٿي نه بيهندو مسئلو حل نه ٿيندو. هن چيو ته اسان کي ڏسڻو اهو پوندو ته شرارت ڪٿان کان ٿي رهي آهي، مذهب جو نالو استعمال ڪري انتهاپسندي ٿي رهي آهي، ان جي خاتمي لاءِ مولانا فضل الرحمان سميت ٻين مذهبي اڳواڻن ۽ پارٽين کي اڳيان اچڻو پوندو. هن چيو ته تعصب کان مٿانهون ٿي ڪري قومي اتحاد ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ گهرجي، سموريون سياسي پارٽيون دهشتگردي جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏين اسان کين ڀليڪار چونداسين.