سينيٽ چيئرمين پاران بلال انور ڪاسي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت

سينيٽ چيئرمين پاران بلال انور ڪاسي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدر بلال انور ڪاسي کي عدالت ويندي فائرنگ ڪري شهيد ڪرڻ جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي، سومر ڏينهن جاري بيان ۾ سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته دهشتگرد اهڙي طرح جي بزدلاڻين ڪاررواين سان عوام ۾ خوف پيدا ڪري پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن، هن چيو ته فوج، سويلين ادارا ۽ عوام دهشتگردي جي جنگ ۾ جاني ۽ مالي قربانيون پيش ڪيون آهن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم هڪ آهي. سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته دهشتگردي جي ناسور مانڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني بلال انور ڪاسي جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ گهري ڏک جو اظهار به ڪيو، سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفورحيدري ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ بم ڌماڪي ۾ ”آج ۽ ڊان“ ٽي وي جي ڪئميرامينن شهزاد خان ۽ محمود خان جي مارجي وڃڻ تي به ڏک جو اظهار ڪندي پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي ۽ زخمي ٿيندڙ صحافين جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي.