قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ اچي هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي: چوڌري اعتزاز احسن

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ اچي هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي: چوڌري اعتزاز احسن

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ اچي هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي، آئين ۽ جمهوريت جي فيصلن تي ڀرپور انداز ۾ عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، گڏيل دوستي، فراخدلي ۽ وقار ۾ اضافي جي آئيني اصولن تي اسان کي عمل پيرا رهڻ گهرجي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ جي 44 هين يوم تاسيس سينيٽ جي ڪردار ۽ اختيارن تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيٽ جي اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ اچي هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين جو خالق آهي، ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ اڄ جي ڏينهن تي ضروري آهي، جنهن وفاق کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته 1956ع ۾ اولهه پاڪستان جا سڀئي صوبا ون يونٽ ۾ شامل ڪيا ويا، جنهن کي 1970ع ۾ ختم ڪيو ويو، جنهن سان صوبن جا اختيار بحال ٿي ويا، هن چيو ته روايتون تمام اهميت رکنديون آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اچڻ سان ايوان جي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته برطانيه ۾ سڀئي اختيار ملڪه وٽ آهن، پر هو تڏهن به وزيراعظم يا حڪومت جي فيصلن کي رد ناهي ڪندي، هن چيو ته اسان کي اڄ وڏي وسيع انداز ۾ سوچڻو آهي ته جيئن آئين ۽ جمهوريت جي فيصلن تي ڀرپور انداز ۾ عمل ٿي سگهي، اميد آهي ته اهڙي طرح اسان گڏيل دوستي، فراخدلي ۽ هڪٻئي جي وقار ۽ عزت ۾ اضافي جي آئيني اصولن تي عمل پيرا رهنداسين. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:52