سينيٽ جي خصوصي اجلاس ۾ اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري سميت اڳوڻن ڊپٽي اسپيڪرن ۽ سينيٽرن شرڪت ڪئي

سينيٽ جي خصوصي اجلاس ۾ اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري سميت اڳوڻن ڊپٽي اسپيڪرن ۽ سينيٽرن شرڪت ڪئي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) سينيٽ جي 44 هين سيشن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ خصوصي اجلاس دوران اڳوڻي سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري، اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين خليل الرحمان، اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين جان محمد جمالي ۽ اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين صابر علي بلوچ سميت سينيٽ جي اڳوڻن ميمبرن جو وڏو تعداد مهمانن جي گئلري ۾ ويهي ڪارروائي ڏٺي. جمعي ڏينهن اجلاس جي آغاز تي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ٻڌايو ته مهمانن جي گئلري ۾ هن وقت اڳوڻو سينيٽ چيئرمين سيد نيئر حسين بخاري، اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين خليل الرحمان، اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين جان محمد جمالي ۽ اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين صابر علي بلوچ سان گڏوگڏ اڳوڻا سينيٽر چوڌري محمد اسلم، مسز سعيده اقبال، محمد انور بيگ، روزينه عالم خان، افراسياب خٽڪ، سيد ظفر علي شاهه، حافظ رشيد احمد، عبدالرزاق، عبدالمالڪ قادري، عبدالحئي بلوچ ۽ سينيٽر طاهره لطيف سينيٽ جي يوم تاسيس جي سلسلي ۾ منعقد اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ موجود آهن، جنهن تي سمورن ميمبرن ڊيسڪون وڄائي انهن جي آجيان ڪئي.