ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) صدر ممنون حسين جي گورنر هائوس ڪوئيٽا آمد تي بلوچستان پوليس طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا. صدر ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا ۾ آهي جتي هو بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير سان ملاقاتون ڪندو ۽ بلوچستان جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺندو.اي پي پي/ش – چ/ر – م 21:00
صدر ممنون حسين کي گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ گارڊ آف آنر پيش
8 سال پھريان