انصاف جي عالمي ادارن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي نظرنٿي اچي: عابد شير علي

انصاف جي عالمي ادارن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي نظرنٿي اچي: عابد شير علي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته انصاف جي عالمي ادارن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي نظر نٿي اچي، پاڪستان ڀارتي ظلم جي شڪار معصوم ڪشميرين جي هر فورم تي حمايت جاري رکندو،اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ڪشمير جي مسئلي جي حل تائين پنهنجي اصولي موقف کان پوئتي نه هٽندو ۽ ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت کي هر فورم تي جاري رکندو، عالمي انصاف جي ٺيڪيدارن کي ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي ته نظر ايندي آهي پر انهن کي والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي رياستي دهشتگردي ڇو نظر نٿي اچي. اهو يورپي ملڪن جو ٻٽو معيار آهي، هن چيو ته افسوس ان ڳالهه جو آهي ته عالمي انساني حقن جون تنظيمون به والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي تي خاموش آهن، انهن کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڀارت کي رياستي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مملڪتي وزير چيو ته ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ان اداري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائڻو پوندو.