قومي اسيمبلي پاران بئنڪن کي نيشنلائيز ڪرڻ جو ترميمي بل منظور

قومي اسيمبلي پاران بئنڪن کي نيشنلائيز ڪرڻ جو ترميمي بل منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) قومي اسيمبلي بئنڪن کي نيشنلائيز ڪرڻ جي ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان رٿ پيش ڪئي ته بئنڪن کي نيشنلائيز ڪرڻ جو ترميمي بل 2016ع غور هيٺ آندو وڃي، ان تي سيد نويد قمر چيو ته ترميم جي وضاحت ٿيڻ گهرجي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قانون ته اجازت ڏئي ٿو پر اها پارلياماني روايتن جي روح خلاف آهي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو ته سينيٽ اها ترميم ڪئي آهي ته بئنڪن جي صدرن کي صرف هڪ ڀيرو توسيع ڏني وڃي اهو بل پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان پهرين منظور ٿي چڪو آهي، ايوان ان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڊپٽي اسپيڪر بل جي مختلف شقن جي ايوان مان منظوري حاصل ڪئي، ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان رٿ پيش ڪئي ته بئنڪن کي نيشنلائيز ڪرڻ جو ترميمي بل 2016ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.