اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪاپوريشن نئين سر جوڙجڪ ۽ تبديلي آرڊيننس2016ع ۾ وڌيڪ 120 ڏينهن جي توسيع جي قرارداد منظور

اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪاپوريشن نئين سر جوڙجڪ ۽ تبديلي آرڊيننس2016ع ۾ وڌيڪ 120 ڏينهن جي توسيع جي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪاپوريشن نئين سر جوڙجڪ ۽ تبديلي آرڊيننس 2016ع ۾ وڌيڪ 120 ڏينهن جي توسيع جي قرارداد جي قومي اسيمبلي منظوري ڏئي ڇڏي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده قرارداد پيش ڪئي ته قومي اسيمبلي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن نئين سر جوڙجڪ ۽ تبديلي آرڊيننس 2016ع کي 6 آگسٽ 2016ع کان وڌيڪ 120 ڏينهن جي لاءِ توسيع ڏني وڃي، سيد نويد قمر چيو ته آرڊيننس کي توسيع ڏيڻ بدران قانون سازي ٿيڻ گهرجي، وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته اهو بل ڪميٽي وٽ آهي، اسان ڪميٽي جي چيئرمين کي گذارش ڪئي آهي ته ان کي منظور ڪري ايوان ڏانهن موڪليو وڃي. هن چيو ته حڪومت غير ضروري توسيع نه ڪري رهي آهي، آئين تحت اسان کي اختيار حاصل آهي.