غوث بخش مهر پاران پنهنجي تڪ ۾ اڳوڻي نائب ناظم تي ٿاڻي ۾ تشدد جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

غوث بخش مهر پاران پنهنجي تڪ ۾ اڳوڻي نائب ناظم تي ٿاڻي ۾ تشدد جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ فنڪشنل جي ميمبر غوث بخش مهر پنهنجي تڪ ۾ اڳوڻي نائب ناظم تي ٿاڻي ۾ تشدد جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ غوث بخش مهر اعتراض واري نقطي تي چيو ته سندس تڪ ۾ اڳوڻي نائب ناظم عبدالغفار آرائين کي ٿاڻي ۾ مارڪٽ ڪئي وئي، ان تي ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته سندس هڪ حامي کي ناجائز هٿيار رکڻ جي الزام تي پوليس ناجائز تنگ ڪري رهي آهي انهن واقعن جو نوٽيس ورتو وڃي.